جميل احمد ميمڻ

جميل احمد ميمڻ

جميل احمد ميمڻ

جميل احمد ميمڻ: مشهور صحافي ۽ ڪالم نگار جميل احمد ولد عبدالله ميمڻ، 18 جولاءِ 1968ع تي بلڙي شاهه ڪريم ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم بلڙي شاهه ڪريم مان، مئٽرڪ، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺٽي مان، بي.اي ۽ ايم.اي 1989ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان حاصل ڪيائين. ان دوران مهراڻ يونيورسٽيءَ مان ڪمپيوٽر جو ڪورس پڻ ڪيائين. جميل احمد کي علمي ادبي ماحول سندس والد کان مليو. هي 1990ع ۾ عوامي آواز اخبار ۾ پنهنجي علائقي جو رپورٽر مقرر ٿيو. ان دوران سچ لکڻ سبب ڪيتريون عقوبتون پڻ سٺائين. تر جي وڏيرن پاران ڪيترائي ڀيرا مٿس ڪوڙا ڪيس ٿيا ۽ جيل ويو. سنڌ جي تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر سيد غلام مصطفى شاهه کيس ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي آف پاڪستان جو نگران مقرر ڪيو. جميل احمد ڪيترو وقت جاڳو اخبار ۾ صحافت پڻ ڪئي ۽ فقير محمد لاشاريءَ جي اسرار تي ڪيترائي ڪالم پڻ لکيائين. هي هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جو بنيادي ميمبر پڻ رهيو آهي. ان دوران هن ڪيترن ئي نامور شخصيتن جسٽس دراب پٽيل، شڪيل پٺاڻ، عاصمه جهانگير سان گڏ انساني حقن لاءِ جاکوڙيو. هيءُ هن وقت روزاني عبرت اخبار سان واڳيل آهي ۽ ٺٽي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.07.18  عيسوي

مشهور صحافي ۽ ڪالم نگار جميل احمد ولد عبدالله ميمڻ، 18 جولاءِ 1968ع تي بلڙي شاهه ڪريم ۾ پيدا ٿيو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارشاد مستوئي
ظفر علي خان مولانا
الياس شاڪر
آر بي سارنگ
لوڪرام ڏوڏيجا
جاويد ڀٽي
حيات بلوچ
سيد سبط حسن
الطاف حسين قريشي
خير محمد کوکر
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون